جڪارتا: پي آءِ اي جو بوئنگ 777 جهاز ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي مقامي اختيارين قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن(پي آءِ اي) جي ترجمان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ملائيشيا ۾ عدالتي حڪم تي جهاز کي قبضي ۾ وٺڻ هڪ اڻوڻندڙ صورتحال آهي. مسئلي جي حل تائين مسافرن جي سار سنڀال ڪئي ويندي.
پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جو هڪ جهاز عدالتي حڪم تي تحويل ۾ ورتو آهي. جهاز جي ليز جا بقايا ادا نه ڪرڻ تي ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جو جهاز قبضي ۾ ورتو ويو. ان معاملي ۾ برطانوي عدالت ۾ پي آءِ اي ۽ هڪ پارٽي جو ڪيس هلندڙ آهي. پي آءِ اي ۽ برطانيه جي عدالت ۾ التوا هيٺ بئي ڌر وچ ۾ قانوني تڪرار بابت هڪ طرفو فيصلو آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته هي هڪ قبول نه ڪرڻ جوڳي صورتحال آهي ۽ پي آءِ اي سفارتي چينلز جي ذريعي ان معاملي کي اٿارڻ جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي حمايت حاصل ڪئي آهي ۽ ان جي سفر جي متبادل انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.