ڪلڀوشن ڪيس، حڪومت کي ٻيهر ڀارت سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته وفاق ڀارتي حڪومت کان پڇي ٻڌائي ته هو ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ پيروي ڪرڻ چاهي ٿي يا نه ,اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل لارجر بينچ انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل فراهم ڪرڻ جي قانون واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڇا ڀارتي حڪومت ڪلڀوشن ياديو واري ڪيس ۾ سنجيده ناهي؟ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت سان رابطو ڪري ته هو ڪلڀوشن ڪيس ۾ پيروي ڪرڻ چاهي ٿي يا نه؟ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔