گئس تي پهريون حق سنڌ جو آهي پر افسوس ته هتي چلها ٿڌا ٿي ويا آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آئين موجب سنڌ جي گيس تي پهريون حق سنڌ جو آهي پر افسوس جو صوبي ۾ چلها ٿڌا ٿي ويا آهن، اسان اميد ڪئي ته اسان جو حصو وڌايو ويندو پر جيڪو هنن پاڻ طئي ڪيو هو، اهو حصو به نه پيو ملي، ٽوئيٽر ، فيس بڪ ۽ پريس ڪانفرنس واري حڪومت ملڪ کي اوندهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، حڪمران پهريان پاڻ مسئلا پيدا ڪن ٿا ۽ پوءِ وري بهتري جي دعويٰ ڪندا رهن ٿا، کنڊ مافيا کي ڪجهه نه ٿيو پر عوام کي نقصان ضرور ٿيو، 55 رپين واري کنڊ 85 رپين تي پهچائي چون ٿا ته وزيراعظم پنهنجو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي. سنڌ اسيمبلي هال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت جي واعدن تي ڪو به اعتبار ناهي، پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ هئي ته آدمشماري واري مسئلي تي گڏ هئي پر حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدا وساري ڇڏيا آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته آئين موجب سنڌ جي گيس تي پهريون حق سنڌ جو آهي پر افسوس جو صوبي ۾ چلها ٿڌا ٿي ويا آهن، اسان اميد ڪئي ته اسان جو حصو وڌايو ويندو پر جيڪو هنن پاڻ طئي ڪيو هو، اهو حصو به نه پيو ملي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ٽوئيٽر ، فيس بڪ ۽ پريس ڪانفرنس واري حڪومت ملڪ کي اوندهه ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، حڪمران پهريان پاڻ مسئلا پيدا ڪن ٿا ۽ پوءِ وري بهتري جي دعويٰ ڪندا رهن ٿا…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔