ڪراچي ۾ چيني قونصليت تي حملي ڪيس جي 5 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد 5 جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پاران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار تي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران پابندي مڙهيل بي ايل اَي جَي پنج جوابدارن احمد حسنين، نادر خان، علي احمد، عبدالطيف ۽ اسلم تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. جوابدارن پاران ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار تي عدالت شاهدن ۽ جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ڪيس ۾ حربيار مري، علي داد بليدي ۽ ڪمانڊر شريف سميت 15 جوابدار روپوش آهن، جن کي عدالت روپوش قرار ڏئي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔