ٽنڊي الهيار ۾ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو

ٽنڊو الهيار: ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جِي گرفتاري لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ايس ايس پي ٽنڊو الهيار جي آفيس آڏو ڌرڻو، پوليس خلاف نعريبازي، ايس ٽي پي سربراهه قادر مگسي به ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي ويو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ بيهجي وئي، پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پوليس الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، اصل جوابدار گرفتار ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا آهن، اسان پوليس کي وقت ڏنو هو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ڌرڻي واري هنڌ پهچي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته ايس ايس پي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔