پير ڳوٺ ۾ هنياءُ ڏاريندڙ واقعو، نينگري جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل

پيرجو ڳوٺ: صدر جون ڀٽيون ۾ هنيانءُ ڏاريندڙ واقعو ۾ 10 ورهين جِي نينگري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد بيدردي سان قتل ڪئي وئي. نينگري مونيڪا لاڙڪ جو لاش ڪيلن جي باغ مان هٿ ڪري پيرڳوٺ جي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽرز شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري مونيڪا سان جنسي زيادتي جي تصديق ڪري ڇڏي، نينگري 2 ڏينهن اڳ گُم ٿي وئي هئي، اڄ سندس ڪيلن جي باغ مان لاش هٿ آيو، نينگري جي وارثن چيو آهي ته مونيڪا گهريلو ملازم هئي، 2 ڏينهن اڳ گُم ٿي وئي ته اسان سمجهيو نينگري گهر ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اڄ سندس لاش هٿ آيو. پيرڳوٺ ۽ صدر جون ڀٽيون پوليس نينگري مونيڪا لاڙڪ جَي قتل ۾ مبينا طور استعمال ٿيل تيز ڌار وارو اوزار هٿ ڪري ورتو، شڪ جَي بنياد تي 3 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا. ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نينگري مونيڪا سان زيادتي ۽ قتل واري واقعي جي جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي، پوسٽ مارٽم ۽ ڊي اين اي رپورٽ ملڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو، نينگري جي وارثن هڪ شخص تي شڪ ظاهر ڪيو، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، سمورا وسيلا ڪتب آڻي اڄ ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايس پي خيرپور دعويٰ ڪئي ته واقعي کانپوءِ ايس پي جي اڳواڻي ۾ پوليس پارٽي نينگري جي وارثن سان ملاقات ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔