سينيٽ چونڊن بابت صدارتي آرڊيننس تي سنڌ حڪومت کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هفتي جي مهلت

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي سنڌ حڪومت کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ريماڪس ڏيندي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ريفرنس ۾ قانوني نقطو ۽ عوامي مفاد نظر نه آيو ته ريفرنس خارج ڪري سگهجي ٿو. صدر پاران سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ واري فيصلي تي سپريم ڪورٽ کان قانوني راءِ وٺڻ لاءِ داخل ريفرنس جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني خاص بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ سنڌ حڪومت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ هفتي جي مهلت گهري ورتي، جنهن تي عدالت استدعا منظور ڪندي سنڌ حڪومت کي هڪ هفتي جو وقت ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته صدر سپريم ڪورٽ کان ڪنهن به معاملي تي قانوني راءِ وٺي سگهي ٿو، ماضي ۾ قانونسازي کان اڳ سپريم ڪورٽ کان راءِ ورتي وئي آهي. اٽارني جنرل موجب ماضيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس کان سواءِ سمورن ريفرنسز تي راءِ ڏني آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت ريفرنس اڃا تائين التوا جو شڪار آهي. جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ۾ چيو ته قانوني نڪتا ۽ عوامي مفاد نظر نه اچڻ تي ريفرنس رد ڪري سگهي ٿي، آئين ۾ سينيٽ چونڊن جو طريقيڪار واضح آهي ته 2017 وارو اليڪشن ايڪٽ ڇو منظور ڪيو ويو. اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته آئين ۾ سينيٽ جي چونڊن جو طريقيڪار واضح ناهي، ماضي ۾ ان معاملي تي قانونسازي جا موقعا ضايع ڪيا ويا. ٻڌڻي دوران سينيٽر رضا رباني جي ڌر بڻجڻ واري استدعا منظور ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ ٻن وڪيلن پڻ ڌر بڻجڻ جي درخواست پڻ جمع ڪرائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔