انڊونيشي جهاز حادثو: سمورا مسافر ۽ عملو فوت ٿيڻ جي تصديق

جڪارتا : انڊونيشيا ۾ گذريل ڏينهن سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿيندڙ مسافر جهاز جو ملبو هٿ اچي ويو آهي، جنهن کانپوءِ اها تصديق ٿي وئي آهي ته ان جهاز ۾ سوار سمورا 62 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
انڊونيشيا جي سري ويجايا ايئر جي مسافر جهاز جي بليڪ باڪس يا فلائٽ ريڪارڊر جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي ۽ ان کي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي.
اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ان مسافر جهاز جي ملبي جو هڪ وڏو حصو سمنڊ ۾ 75 فوٽن جي اونهائي ۾ هٿ آيو آهي.
ٽوٻن کي جاوا سمنڊ مان جهاز جا ڪيترائي ٽڪرا ۽ انساني عضوا به هٿ آيا آهن، هيل تائين اهڙي باقيات مان 3 ٿيلها ڀرجي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ڳولا به جاري آهي.
حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا عضوا سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويندا.
واضح رهي ته بوئنگ 737 جهڙو اهو جهاز انڊونيشي ٻيٽ بورنيو ڏانهن وڃڻ لاءِ جڪارتا کان فضا ۾ بلند ٿيو هو ۽ اڏام کان ڪجهه دير پوءِ ئي ان جو ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪٽجي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔