پي ايس ايل 6 لاءِ ڊرافٽنگ مڪمل

لاهور :پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ مڪمل ٿي وئي.
پي ايس ايل 2021 لاءِ ٽيمن جي چونڊ اڄ ڊرافٽس ذريعي لاهور ۾ ٿي، جتي اسلام آباد يونائيٽيڊ پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ حسن علي، ملتان سلطانز ڪرس لِن، لاهور قلندرز راشد خان، پشاور زلمي ڊيوڊ ملر، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ڪرس گيل ۽ ٽام بينٽن جي چونڊ ڪئي.
ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ لوئس گريگري، پشاور زلمي مجيب الرحمان ۽ شرفاني ردرفورڊ، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز محمد نبي ۽ ڊين ڪرسچن کي چونڊيو.
گولڊ ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ فل سالٽ، لاهور قلندرز سمت پٽيل، پشاور زلمي عماد بٽ، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز عثمان شنواري ۽ ڪراچي ڪنگز چيڊوڪ ويلٽن جي چونڊ ڪئي.
اسلام آباد سلور ڪيٽيگري ۾ روحيل نذير، افتخار احمد، ريس ٽوپلي، ملتان سهيل خان، محمد رضوان، صهيب مقصود، صهيب الله، ايڊم ليٿ، لاهور ٽام ايبل، ذيشان اشرف، آغا سلمان، محمد فيضان، پشاور عميد آصف، ثاقب محمود، امام الحق، ايم عمران رنڌاوا، محمد عرفان سينيئر، ڪوئيٽا ڪيمرون ڊيلپورٽ، قيص احمد، عبدل ناصر، ڪراچي جو ڪلرڪ، دانش عزيز، محمد الياس ۽ ذيشان ملڪ کي پِڪ ڪيو.
سپليمينٽري ۾ اسلام آباد طرفان ڪرس جارڊن، عاڪف جاويد، ملتان طرفان عمران خان سينيئر، ڪارلوس بريٿ ويٽ، لاهور طرفان جو ڊينلي، احمد دانيال، پشاور طرفان روي بوپارا، عامر خان، ڪوئيٽا طرفان ڊيل اسٽين، عثمان خان، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز طرفان نور احمد جي چونڊ ڪئي وئي.
ايمرجنگ ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد جي ٽيم محمد وسيم جونيئر، احمد سيفي عبدالله، ملتان شاهنواز، محمد عمر، لاهور معاذ خان، زيد عالم، پشاور ابرار احمد، محمد عمران، ڪوئيٽا صائم ايوب، عارش علي خان، جڏهن ته ڪراچي جي ٽيم قاسم اڪرم جون خدمتون حاصل ڪيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔