سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون، گڊو ٿرمل پاور ۾ ڪم ڪندڙ 7 اهلڪار معطل

اسلام آباد: سينٽرل پاور جنريشن ڪمپني سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون ٿيڻ کانپوءِ گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ ڪم ڪندڙ 7اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.

معطل ٿيلن ۾ ايڊيشنل پلانٽ منيجر۽ جونئر اهلڪار شامل آهن، جونئر انجينئر، 2 آپريٽر ۽ 2 اٽينڊنٽ شامل آهن ، انهن ملازمن کي شروعاتي انڪوائري کانپوءِ معطل ڪيو ويو آهي .

اين ٽي ڊي سي شروعاتي رپورٽ به نيپرا کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيپرا عملداراڄ رپورٽ جو جائزو وٺندا ، ڇنڇر ۽ آچر واري رات بجلي جي بريڪ ڊائون کانپوءِ اين ٽي ڊي سي اعليٰ سطح جي جاچ ڪاميٽي جوڙِي هئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔