ڪوئٽا ۾ مچ سانحي خلاف باءِ پاس تي ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري

ڪوئٽا: مچ ۾ مزدورن جي قتل خلاف اولهه باءِ پاس تي ڌرڻو اڄ ڇهين ڏينهن به جاري آهي.

شهر ۾ منفي 10 ڊگري سينٽي گريڊ دوران جاري ڌرڻي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻن، ڪارڪن، هزاره ڪميونٽي جنهن ۾ وڏا، ننڍا توڙي عورتون شامل آهن.

ڌرڻي ۾ مچ سانحي ۾ قتل ٿي ويل ميتون به رستي رکيل آهن.

ڌرڻي ۾ شريڪن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي اچڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، وزيراعظم جي اچڻ تائين ميتن کي دفنايو به نه ويندو.

شهداءِ ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن موجب وارثن چيو آهي ته هڪ مهيني تائين به ڌرڻو جاري رهندو، کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته شرپسند عناصر ذميوار هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔