موبائل چوري جي انوکهي واردات: متاثر شخص قرضي ٿي ويو

ماسڪو: روس ۾ فون چوري ڪندڙ نامعلوم شخص بينڪ کان ڳرو قرض حاصل ڪري مالڪ کي ڦاسائي ڇڏيو.ميڊيا رپورٽ موجب ولاديمير ووٽوڪووڪ نالي شخص جو اسمارٽ فون چوري ٿيو جنهن کان پوءِ چور ان ۾ موجود بينڪ ايپليڪيشن لاڪ ان ٿيڻ جو فائدو کنيو چور موقعي جو فائدو وٺندي ويهه هزار ڊالر قرض کڻڻ جي درخواست بينڪ کي ڏني جنهن تي بينڪ کيس اهي پئسا ڏئي ڇڏيا.نامعلوم شخص پئسا ڪڍرائي روانو ٿي ويو. مالڪ کي ان وقت جهٽڪو لڳو جڏهن بينڪ مان ان وٽ قسط جي لاءِ آفيسر پهتا.ولاديمير بڌايو ته منهنجو فون چوري ٿي ويو آهي مون ڪنهن به قسم جو قرض حاصل ناهي ڪيو. متاثر شهري ٻڌايو ته بينڪ هاڻ قرض جي درخواست ملتوي ناهي ڪري رهيو.ٻئي طرف بينڪ طرفان پنهنجي موقف ۾ چيو ويو آهي ته ولاديمير کي 24 ڪلاڪ اڳ بينڪ سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها پر هن ائين نه ڪيو. جنهن سبب کيس هاڻ سمورا پئسا ادا ڪرڻا پوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔