آمريڪا واقعي جي عالمي سطح تي مذمت

آمريڪا ۾ تمام جلد پنهنجو عهدو ڇڏيندڙ ريپبلڪن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سوين حامين طرفان ڪيپيٽل هل ۾ بدامني جي عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئي آهي.
آمريڪا ۾ پيش آيل واقعي تي جرمن پرڏيهي وزير هائيڪو ماس چيو آهي ته ٽرمپ ۽ ان جي حامين کي جمهوريت کي پيرن هيٺان چِٿڻ جو عمل بند ڪرڻ گهرجي.
هوڏانهن برطانوي وزيراعظم بورس جانسن به آمريڪي ڪانگريس جي عمارت ۾ پيش آيل واقعي کي شرمناڪ قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي.
اهڙي ريت يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي نگران اعليٰ ترين عهديدار يوزيپ بوريل چيو ته آمريڪا اهڙن واقعن جهڙو ته ناهي.
ٻئي پاسي آسٽرين چانسلر سباستيان ڪرس به ڪيپيٽل هل تي حملي تي صدمي جو اظهار ڪندي ان بدامني کي مذمت جوڳو قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔