مصباح الحق تنقيد کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو، ايندڙ سيريز ۾ تبديلين جو اشارو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ڪارڪردگي تي تنقيد کي درست قرار ڏيندي ايندڙ سيريز ۾ وڏين تبديلين جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز کانپوءِ تنقيد جائز آهي، ڇو ته تنقيد اهي ئي ڪندا آهن، جن کي ٽيم جي صلاحيتن تي يقين هوندو آهي، اسان صلاحيتن کان گهٽ راند پيش ڪئي، تنهن ڪري تنقيد ٺهي ٿي.
هن چيو ته اسان ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري، اڳتي لاءِ اهڙي صورتحال مان نڪرڻو پوندو، ڇو ته ڪنهن به راند جو مقصد ڪاميابي هوندو آهي ۽ ناڪامي تي مايوسي ٿيندي آهي، تنهن ڪري مايوس به آهي ۽ افسوس به، اميدن موجب نه کيڏڻ تي افسوس ٿيندو آهي.
سندس موجب ڊراپ ڪيچ اسان جو اڳ به مسئلو رهيو آهي ۽ هاڻ به ڊراپ ڪيچ ئي وڏو مسئلو هو، اسان کي فيلڊنگ ۾ بهتري آڻڻي پوندي، هاڻ هوم سيريز ڏکڻ آفريقا خلاف کيڏڻي آهي، اهو سٺو موقعو آهي ته هر شعبي ۾ بهتري آڻيون.
هيڊ ڪوچ چيو ته اسان کي سٺو کيڏي اعتماد بحال ڪرڻو آهي، ڪيل غلطين جو جائزو وٺي اڳتي وڌڻو آهي، هوم ڪنڊيشنز ۽ مخالف ٽيم کي نظر ۾ رکندي ضرور تبديلين تي غور ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔