”ڇوڪري 30 سالن تائين شادي ۽ ٻارن بنا به خوش رهي سگهي ٿي“

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا مهوش حيات پهريون ڀيرو پنهنجي حقيقي عمر ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪا به ڇوڪري 30 سالن تائين شادي بنا خوش زندگي گذاري سگهي ٿي.
مهوش حيات تازو پنهنجي 33هين سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن مختلف معاملن تي کليل نموني ڳالهايو آهي.
اداڪارا واضح ڪيو ته منهنجي عمر 33 سال آهي، عمر جي حوالي سان وڪي پيڊيا غلط ڄاڻ فراهم ڪندو آهي.
هن پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اڄڪلهه جي دور ۾ ڇوڪري 30 سالن تائين شادي بنا ۽ ٻارن کانسواءِ به خوش رهي سگهي ٿي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سماجي تبديلين لاءِ به نظام تبديل ٿيڻ گهرجي.
مهوش حيات سوشل ميڊيا جي دور تي تعريف ڪندي اهو به چيو ته ان پليٽ فارم تي ڪجهه ماڻهن جو مقصد ٻين کي تنگ ۽ پريشان ڪرڻ هوندو آهي ۽ اهڙا ماڻهو ٻين بابت غلط خبرون پکيڙيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔