ايران آمريڪي صدر ٽرمپ جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان ٻيهر رابطو ڪري ورتو

تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان هڪ دفعو ٻيهر رابطو ڪري ورتو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايران انٽرپول سان صدر ٽرمپ سميت 48 عهديدارن جي خلاف ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. ايران جي انصاف واري وزارت جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ انڪشاف ڪيو ته جنرل قاسم سليماني ۽ مهدي المهندس جي بغداد ايئرپورٽ تي آمريڪي حملي ۾ مارجي وڃڻ تي صدر ٽرمپ ۽ 48 اعليٰ آمريڪي اختيارين جي گرفتاري لاءِ هڪ دفعو ٻيهر انٽرپول ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي.

ايراني عدالت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته قاسم سليماني کي قتل ڪندڙن کي سزا ڏيڻ تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته ايران گذريل سال جنوري ۾ بغداد ايئرپورٽ تي حملي ۾ ملڪ جي سڀني کان اهم ۽ طاقتور قدس فورس جي مشهور  اڳواڻ جنرل قاسم سليماني جي مارجي وڃڻ جو ذميوار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ 47 ٻين اختيارين کي قرار ڏنو هو.

قاسم سليماني ۽ مهدي المهندس جي مارجي وڃڻ خلاف ايران انٽرپول سان ان ماڻهن جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي ڪابه ڪارروائي نه ٿي هئي.

هاڻ ايران طرفان سندن گرفتاري جي لاءِ ٻيون ڀيرو درخواست ڏني وئي آهي. ايران ۾ تهران جي پراسيڪيوٽر جنرل قاسم سليماني جي مارجي وڃڻ تي صدر ٽرمپ جي گرفتاري لاءِ وارنٽ به جاري ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔