مچ سانحي خلاف ڪوئيٽا ۾ هنيل ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل، ڪراچي ۾ به احتجاج ۽ ڌرڻا

ڪوئٽه: مچ سانحي جي خلاف هزاره قبيلي جو ڪوئٽه ۾ ڌرڻو، چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي هڪ ٻئي ڪوشش به ناڪام ٿي وئي آهي.

مڇ ۾ پورهيتن جي قتل خلاف ڪوئته جي باءِ پاس تي هزاره قبيلو سراپا احتجاج آهي جنهن پنهنجن پيارن جون لاشون روڊ تي  رکي ڌرڻو هڻندي اڄ چوٿون ڏينهن آهي. متاثرين وزيراعظم جي اچڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

مظاهرين جو مطالبو آهي ته وزيراعظم ڪوئته اچي ان کان پوءِ ڳالهيون ٿينديون. وزيراعظم جي هدايت تي وفاقي وزير علي زيدي، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ زلفي بخاري مچ سانحي جي وارثن سان ملاقات ڪئي هئي. حڪومتي وفد ڌرڻي جي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۾ ٻاهريون هٿ ملوث آهي.

پاڪستان جي خلاف هڪ سوچيل سمجهيل سازش ڪئي پئي وڃي. يقين ڏياريان ٿو ته وزيراعظم وارثن سان ملاقات جي لاءِ ضرور ايندو. وارثن کي درخواست آهي ته شهيدن جي تدفين ڪئي وڃي. هوڏانهن مچ ۾ پورهيتن جي قتل خلاف ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي به احتجاج ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي جي نمائش چورنگي تي احتجاج ڪيو ويو.ايم ڪيو ايم تنظيمي بحالي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ ابوالحسن اصفهاني روڊ، پاور هائوس، چورنگي ۽ ڪامران چورنگي تي به ڌرڻو هنيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔