پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جي اجازت

اسلام آباد : وفاقي سرڪار طرفان پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  وزيراعظم عمران خان طرفان وفاقي گهرو کاتي کي اليڪشن ڪميشن آڏو رنڊڪون نه رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وچ ۾ ملاقات دوران پي ڊي ايم کي احتجاج سوڌو ٻين مامرن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج دوران قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو، پي ڊي ايم طرفان 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔