سال 2021 ع ترقي جو سال هوندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان نئين سال جي پهرين ڏينهن تي پنهنجي بيان ۾ چيوآهي ته سال 2021 پاڪستان جي ترقي جو سال هوندو.

اسلام آباد ۾ گاڏيون متعارف ڪرائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کان سکي سگهي ٿو ته اهو چين آهي، ڇو ته انهن جي ترقي جو ماڊل اسان کي سڀني کان وڌيڪ بهتر رهندو.

سندس چوڻ هو ته چين جهڙي ريت صنعتڪاري ڪئي ، برآمدن جا زونزٺاهيا ، ٻاهرين ملڪن کان سيڙپڪاري وٺي آيا ۽ ان سان پنهنجي برآمدات وڌايون جنهن سان انهن جي دولت وڌي ۽ ان سان انهن ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو .

هن چيو ته چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ غربت مان ڪڍيو آهي جنهن جو دنيا ۾ڪو مثال نه ٿو ملي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا چيني صنعتون اسان جي خاص اقتصادي زونز ۾ ري لوڪيٽ ڪن .

هن چيو ته گذريل 30 کان 35 سالن ۾جنهن تيزي سان چين ترقي ڪئي آهي  پاڪستان ان کان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔