پي ڊي ايم جي لانگ مارچ ۽ استعيفائن وارو مامرو رولڙي جو شڪار ٿي ويو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي لانگ مارچ ۽ استعيفائن وارو مامرو رولڙي جو شڪار ٿي ويو، 31 ڊسمبر گذري وڃڻ باوجود استعيفائون نه آيون، عوام کي خبر پئجي وئي ته پي ڊي ايم جي ايجنڊا ڪهڙي آهي، پرڏيهي وزير پي ڊي ايم کي غيرفطري ۽ وقتي اتحاد قرار ڏئي ڇڏيو، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت اين آر او ۽ احتساب جي عمل کانسواءِ ٻين قومي مامرن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي، پي ڊي ايم پارليامينٽ ۾ اچي ۽ ڳالهيون ڪري، پي ڊي ايم جي اڄوڪي اجلاس ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ٿيندي، پيپلز پارٽي لانگ مارچ کي نواز شريف جي ڏيهه واپسي سان مشروط ڪري ڇڏيو، فضل الرحمان جي پارٽي ۾ به لانگ مارچ تي اتفاق راءِ نه آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته محمد علي دُراني پاڻ ئي ٻڌائيندو ته ڪنهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، هو پي ٽي آءِ جو حصو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔