ڪاميڊي جي بي تاج بادشاهه رنگيلا جي 83 هين سالگره

ڪراچي: وڏي اسڪرين جي وڏي اداڪار ۽ ڪاميڊي جي بي تاج بادشاهه سعيد خان عرف رنگيلا جي اڄ 83 هين سالگره آهي.

سعيد خان عرف رنگيلا خيبرپختونخواه جي علائقي پارا چنار ۾ پهرين جنوري 1937 ۾ پيدا ٿيو، رنگيلا کي فلمي آسمان تي اداڪار، هدايتڪار، فلم ساز۽ گلوڪار طور ڪيتريون ئي ڪاميابيون نصيب ٿيون.

ليجنڊ اداڪار اٽڪل4 ڏهاڪن تائين فلمي دنيا سان جڙيل رهيو ،۽ پنهنجي کل مذاق سان مداحن کي کلائيندو رهيو.

رنگيلا ڪيترين ئي اردو ۽ پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ 10 نگار ايوارڊ کٽيا ، ڪافي عرصي تائين بيمار رهڻ کانپوءِ 68 ورهين جي عمر ۾ رنگيلا وفات ڪري ويو ۽ فلمي دنيا هڪ عظيم ڪاميڊين اداڪار کان محروم ٿي وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔