اعجاز هارون، عبدالغني مجيد ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: نيب پي آءِ اي جي اڳوڻي چيئرمين اعجاز هارون، عبدالغني مجيد ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جوابدارن تي ڪڊني هل پارڪس جا پلاٽس غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ جو الزام، نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن جي آفيسرز خلاف جاچ جي به منظوري، نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته نيب پارليامينٽ ۽ پارليامينٽيرينز جي احترام تي يقين رکي ٿو، نيب کي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي، اهو تاثر غلط آهي ته نيب جي ڪري واپاري برادري پريشان آهي، نيب جي تحويل ۾ قيدي جي فوت ٿيڻ واريون خبرون به بي بنياد ۽ پروپئگنڊا قرار ڏنيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔