نون ليگ سينيئر اڳواڻ خواجا آصف نيب هٿان گرفتار، راولپنڊي منتقل

لاهور: نيب نون ليگ جَي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف کي گرفتار ڪري راولپنڊي جِي آفيس منتقل ڪري ڇڏيو. نيب لاهور جِي ٽيم خواجا آصف کي اسلام آباد مان سندس گهر ويجهو حراست ۾ ورتو، نيب ذريعن موجب خواجا آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جَي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، طبي معائني بعد سڀاڻي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔