سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي واري ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي : آفيسرز ويچارا ڇا ٻڌائيندا، کين اِها به خبر ناهي ته شهر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، وڏو وزير پاڻ پيش ٿي رپورٽ ڏئي، سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين جَي خاتمي واري ڪيس ۾ سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه کي طلب ڪري ورتو، وڏي وزير جِي طلبي تي اَي جِي سنڌ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيش، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڪندڙ 90 سيڪڙو ماڻهو شهر ڇڏي چڪا آهن، هاڻي ڪنهن جَي خلاف ڪارروائي ڪندئو؟ هڪ هڪ پلاٽ ڪيترن ئي ماڻهن کي الاٽ ٿيو آهي، غيرقانوني اڏاوت ڪندڙ وڏي مافيا آهي، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جَي ڊي جي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته خبر آهي توهان وزير جو حڪم نه مڃيو ته گهڻو وقت سيٽ تي نه هلي سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔