عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي سنڌ جي وڏي وزير پاران سپريم ڪورٽ کان معذرت

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ کان معذرت ڪري ورتي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران وڏي وزير چيو ته ڪابينا جِي منظوري سان توهان جَي حڪم تي عمل ڪرايو آهي، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته منهنجو نه، عدالت جو حڪم هو، رڳو ايترو ٻڌايو ته ڪراچي جِي بهتري ۽ اصل صورت ۾ بحالي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا اٿئو؟ سڄو شهر ڳوٺ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، نه رستا آهن، نه پاڻي، نه پارڪ ۽ نه ئي ڪو ميدان آهي، عدالت جيڪو حڪم ڏنو آهي، اُن ته ڪوبه عمل ٿيندي نظر نٿو اچي، وڏي وزير طرفان رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ 2 هفتن جي مهلت طلب، عدالت وڏي وزير مراد علي شاهه کي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيشي دوران صوبائي وزير به پهچي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔