شهيد بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي جون تياريون مڪمل

لاڙڪاڻو:شهيد بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي تي پيپلز پارٽي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، وڏو وزير پهچي انتظامن جو جائزو ورتو. شهيد بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي، جنهن جي موقعي تي پيپلز پارٽي پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ رٿيل جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي جلسي جي انتظامن جو جائزو به وٺندو. جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ 7 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مزار جي مک دروازن تي واڪ ٿرو گيٽس نصب ڪيا ويا آهن. پيپلز پارٽي پاران ڪارڪنن لاءِ آجياڻي واريون ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جن تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن کان اڄ ئي قافلن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔