چيني قونصل خاني تي حملي وارو ڪيس: 15 روپوش دهشتگردن جا تاحيات گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري عدالت چيني قونصل خاني تي حملي واري ڪيس ۾ بندش پيل تنظيم بي ايل اي جي 15 روپوش دهشتگردن جا تاحيات گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي جوابدارن جي ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ تي حملي واري ڪيس جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته گرفتار جوابدار احمد حسنين، نادر خان، علي احمد، عبداللطيف ۽ اسلم چيني قونصل خاني تي حملي جو اعتراف ڪري چڪا آهن. پوليس موجب ڀارتي ڳجهي اداري را جوابدارن جي مالي مدد ڪئي، جوابدارن واقعي ۾ مارجي ويل دهشتگردن کي هٿيار فراهم ڪيا هئا. عدالت بندش پيل تنظيم بيِ ايل اَي جي حربيار مري سميت 15 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيندي سندن تاحيات گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ سندن خاڪا ٺاهي پڌرا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔