ڪراچي ۾ گئس ڪنيڪشن جي خرابي درست نه ٿيڻ تي ايس ايس جي سي کي نوٽيس جاري

ڪراچي: گئس ڪنيڪشن جي خرابي درست نه ٿيڻ تي عدالت ايس ايس جي سي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي هڪ شهري محمد عاطف غفور ڪنزيومر ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻن مهينن کان گئس ڪنيڪشن ۾ خرابي آهي. شهري موجب ڪيترائي ڀيرا شڪايتن باوجود تدارڪ نه ٿيو پر بل وقت تي اچي ٿو. عدالت شهري محمد عاطف غفور جي درخواست تي ايس ايس جي سي کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔