ايم ڪيو ايم جا وزير استعيفائون ڏين ته حڪومت ڪري پوندي پر ايئن نه ڪندا: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي: پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ کان گهٽ ناهي پر آدمشماري ۾ شهر جي آبادي هڪ ڪروڙ 40 لک ڏيکاري وئي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ايس پي سربراهه چيو ته ايم ڪيو ايم جا وزير آدمشماري جي حوالي سان ڪراچي جي آبادي بابت خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن، پر ان معاملي تي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. مصطفيٰ ڪمال موجب ايم ڪيو ايم جا وزير استعيفائون ڏين ته حڪومت ڪري پوندي پر ايم ڪيو ايم جا وزير ڪڏهن به سيٽون نه ڇڏيندا. هن چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي جي غلط ڳڻپ ڪئي وئي، شهر جي آبادي 3 ڪروڙ کان گهٽ ناهي، پر آدمشماري جي جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 40 لک ڏيکاري وئي آهي. پي ايس پي سربراهه چيو ته موجوده حڪومت جهڙي ڪمزور حڪومت ڪڏهن ناهي ڏٺي، ايم ڪيو ايم جا وزير ڪراچي جي عوام سان سچا آهن ته استعيفائون ڏيئي حڪومت ڪيرائي سگهن ٿا پر اهي ڪرسيون نه ڇڏيندا……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔