دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه جو چوڻ آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي.پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو ته پوري قوم قائداعظم جو جنم ڏينهن پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، ايمان، اتحاد، نظم ۽ ضبط هميشه کان اسان جا بنيادي اصول رهيا آهن.آرمي چيف جو چوڻ هو ته دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي، قوم قائد جي اميد، جرات ۽ اعتماد جي پيغام تي عمل پيرا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔