سنڌ ڪابينا ڪورونا ٽيسٽنگ ڪِٽس خريد ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي 30 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي : سنڌ ڪابينا ڪورونا ٽيسٽنگ ڪِٽس خريد ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي 30 ڪروڙ رُپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، پي سي آر ڪِٽس وٺڻ لاءِ وفاق سان رابطي جي به هدايت ڪئي وئي، ڪابينا اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه نرسز جون ڀرتيون فوري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال ۾ نرسز جون ڀرتيون جلد ڪرڻ جي ضرورت آهي، وڏي وزير چيو آهي ته صحت کاتي کي نرسز جي ڀرتي لاءِ سموريون گهرجون ٽن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ گهرجن ته  جيئين ڪورونا صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔