سنڌ ڪابينا پي ايم سي تحت سنڌ ميڊيڪل ڪميشن قائم ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا پي ايم سي تحت سنڌ ميڊيڪل ڪميشن قائم ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت پي ايم سي کي خط ذريعي ڪابينا جي سفارشن کان آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته صوبي جي ميڊيڪل ادارن ۾ 95 سيڪڙو مقامي ۽ 5 سيڪڙو ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏني ويندي. سنڌ حڪومت پاڻ صوبي اندر نجي ميڊيڪل ڪاليجز جي فيس اسٽرڪچر کي ريگوليٽ ڪندي، ايس اي سي ۾ نجي ۽ سرڪاري ميڊيڪل ادارن کي ريگوليٽ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔