ڪرسمس ۽ نئين سال جي خوشي ۾ فائرنگ ڪندڙ خلاف قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ٿيندو:اي آءِ جي ڪراچي

ڪراچي: عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي  ڪراچي غلام نبي ميمڻ پاران وڏو فيصلو ڪيو ويو ، ڪرسمس يا نئين سال جي خوشي ۾فائرنگ ڪندڙ تي قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

تفصيل موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ غلام نبي ميمڻ پاران وڏو فيصلو ڪيو ويو ،نئين سال ۾ فائرنگ ڪندڙ خلاف قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو .

ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته جنهن شخص جي گولي سان ڪو شهري زخمي ٿيو ته اهو نامزد ٿيندو ، هن چيو ته اهو تصور ڪيو ويندوته شهري هوائي فائرنگ نه پر سڌي فائرنگ ڪئي آهي .

ايڊيشنل آءِ جي پنهنجي سڌي فيصلي ۾ چيو آهي ته انهن هوائي فائرنگ مان هوائي ڪڍي ڇڏيو آهي ، 25 ڊسمبر ۽ نئين سال جي موقعي تي سخت سيڪيورٽي قدم کنيا ويندا .

هن چيو ته هوائي فائرنگ سان هر سال 20 کان 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيندا آهن ، سندس چوڻ هو ته شهري قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کڻن .

پوليس موجب سال 2017 ۾ معصوم سبحان مارجي ويو جڏهن ته درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا .

سال 2018 ۾ هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ عورتن سميت 19 ماڻهو زخمي ٿيا ،

سال 2019 ۾ به فائرنگ سان عورتن ۽ ٻارن سميت 19 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، سال 2020 ۾ هوائي فائرنگ سان معصوم ٻارڙي ۽ عورت سميت 14 ماڻهو زخمي ٿيا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔