ڪجهه قوتون منهنجي ميمبرز کي بليڪ ميل ڪري رهيون آهن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه قوتون منهنجي ميمبرز کي بليڪ ميل ڪري رهيون آهن، مون کي مجبور نه ڪريو ته سڀني کي هڪ هڪ ڪري عوام آڏو ثبوتن سوڌو وائکو ڪريان.ڪراچي ۾ ملير ايڪسپريس وي منصوبي جِي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارٽي جي سمورن ميمبرز دٻاءُ ۽ پريشر باوجود قيادت آڏو استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، چاهيون ٿا ته جمهوري نظام ۾ سڀني کي هڪ جهڙو ماحول ملي ۽ بليڪ ميلنگ وارو سلسلو بند ٿئي. هن چيو آهي ته وزيراعظم صاحب! توهان وٽ عوامي مسئلن جو حل نه آهي ته استعيفيٰ ڏئِي گهر هليا وڃو، اسان وٽ عوامي مسئلن جو حل آهي، وزيراعظم ٽن سالن کانپوءِ چوي ٿو ته اسان جي ٽريننگ هلي رهي هئي، وزيراعظم ڏکين حالتن ۾ رڳو ائين چوندو آهي ته آئون ڇا ڪريان؟ حڪمرانن جي نالائقي جو بار عوام برداشت ڪري رهيو آهي. پ پ چيئرمين سنڌ جَي 3 صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ اميدوارن جي نالن جِي منظوري ڏئي ڇڏي، پي ايس 52 عمرڪوٽ تي علي مردان شاهه جو پٽ امير علي شاهه اميدوار هوندو، پي ايس 43 سانگهڙ تي ڄام شير علي جي نالي جي منظوري، پي ايس 88 ملير ٽو مان مرتضيٰ بلوچ جو پٽ يوسف بلوچ پ پ جي ٽڪيٽ تي ننڍي چونڊ وڙهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔