مولانا فضل الرحمان نوازليگ کي اڳتي آندو،هو مدرسن جِي طاقت کي اسلام آباد آڻڻ گهري ٿو:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان نواز ليگ کي اڳتي آندو، هو مدرسن جِي طاقت کي اسلام آباد آڻڻ گهري ٿو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران شيخ رشيد مولانا فضل الرحمان کي سياسي فساد جِي جَڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته فضل الرحمان ملڪي سياست، جمهوريت ۽ پاڻ تي رحم ڪري. هن چيو آهي ته پيپلز پارٽي تاش جا پتا سمجهداري سان کيڏي رهي آهي، پڪ اٿم ته پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو آهي ته اپوزيشن سينيٽ چونڊن کان اڳ استعيفيٰ نه ڏيندي، موجوده صورتحال جو اصل پلانر مولانا فضل  الرحمان آهي. وفاقي وزير چيو آهي ته بليڪ لسٽ ۾ هڪ لک جي ويجهو ماڻهو آهن، جن مان 25 هزار تائين آندو ويندو، ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي علاوه ٻين کي بليڪ لسٽ مان ڪڍيو ويندو. هن چيو آهي ته اسمگل ٿيل پيٽرول جو وڪرو بند ڪيو وڃي نه ته پمپس بند ڪري ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔