ڪراچي ۾ ريلوي واري زمين تي حددخلين خلاف آپريشن ناڪام

ڪراچي: گلشن اقبال ۾ ريلوي اختيارين جو حددخلين خلاف آپريشن ڪامياب نه ٿي سگهيو.

رپورٽ موجب سروي آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ اهو مڃيو ويو آهي ته ريلوي جي 110 ايڪڙ زمين صرف گلشن اقبال ۾ آهي جيڪا اڃان تائين خالي ناهي ڪرائي سگهجي.

رپورٽ موجب پاڪستان ريلوي جي قيمتي ايراضي تي قبضو جاري آهي. گلشن اقبال ۾ 110 ايڪڙ زمين ريلوي جي زمين مان 63 ايڪڙ زمين ريلوي هائوسنگ سوسائٽي کي ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻئي 57 ايڪڙ زمين ڪاغذن ۾ ته موجود آهي پر زمين تي عمارتون ۽ گهر تعمير ڪيا ويا آهن.

گلشن اقبال گيلاني اسٽيشڻ ويجهو ريلوي واري زمين تي ڳوٺ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن  ته رهواسين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته روينيو وارن ڳوٺ الاٽ ڪيو آهي ۽ اسان ڪافي وقت کان هتي رهندڙ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔