مينار پاڪستان تي پي ڊي ايم جي جلسي کان پوءِ پوليس پاران ٻه ڪيس داخل

لاهور: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي کان پوءِ پوليس ٻه ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ 25 نامعلوم جوابدارن جي خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آرز سيڪيورٽي گارڊ يوسف ۽ ذيشان جي مدعيت ۾ ڪاٽي وئي آهي. ايف آءِ آر لاري اڊا ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي آهي. جوابدارن تي گيٽ جا تالا ٽوڙي پارڪ ۾ داخل ٿيڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي کان پوءِ مينار پاڪستان گرائونڊ گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي. گرائونڊ ۾ ڪيتريون ئي ٽتل ڪرسيون، اسٽيمرز، پارٽي جهنڊا، برياني، چانهه جا ڊسپوزل ڪپ ۽ ڊٻا ٽڙيل پکڙيل  آهن.

صفائي ڪندڙن جو چوڻ آهي ته گند ڪچرو کڻڻ ۾  3 ڏينهن ۽ پارڪ جو حسن بحال ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت لڳي ويندو. پارڪ جي چوڌاري مختلف هنڌن تي لڳل جنگلا، لائٽون ۽ ٻيو سامان به غائب آهي.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪارڪنن گندگي پکيڙي پارڪ جي حسن کي خراب ڪيو ۽ مينار پاڪستان گرائونڊ جا دروازا به ٽوڙي ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔