هلندڙ سال جي آخري مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندي، پاڪستان ۾ نظر نه ايندي

ڪراچي: هلندڙ سال جي آخري مڪمل سج گرهڻ اڄ ٿيندي پر اهو پاڪستان ۾ نظر نه ايندي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سج گرهڻ ڏکڻ افريڪا، ڏکڻ آمريڪا، بحرالڪاهل ۾ نظر ايندو، پاڪستاني وقت موجب سج گرهڻ شام 6 لڳي 34 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ رات جو 11 لڳي 53 منٽن تي ختم ٿيندو، مڪمل سج گرهڻ بابت ماهرين فلڪيات جو چوڻ آهي ته هي ان وقت لڳندو آهي جڏهن چنڊ سج کي پوري طرح ڍڪي ڇڏيندو آهي. پاڪستان ۾ ان کان اڳ 21 جون 2020 تي سرج گرهڻ ڏٺو ويو ۽ سکر ۾ 98 سيڪڙو سج گرهڻ ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔