نوازشريف عوام جي ماني چوري ڪندڙن کي اين آر او نه ڏيندو: مريم نواز

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز پي ڊي ايم جي جلسي ۾ چيو ته لاهور واسيو توهان مونکي خوش ڪري ڇڏيو

مريم نواز تقرير جي شروعات ڪئي ۽ پنجابي زبان ۾ چيو”الله قسمي لاهريو، تسي خوش ڪردتا اي“

هن چيو ته زندهه دل لاهورين اڄ مونکي خوش ڪري ڇڏيو، حڪمران فرعون جي لهجي ۾ چوندا هئا، مينار پاڪستان ڀري ڏيکاريو.

هن جو چوڻ آهي ته انتظام ڪارن ٻڌايو هتي هزارين ڪرسيون لڳل آهن پر مونکي ڪا به ڪرسي خالي نظر نٿي اچي، نه صرف مينار پاڪستان ڀرجي ويو پر ڀرپاسي جي رستن تي به ماڻهو موجود آهن، نه توهان جي اجازت جي ضرورت آهي نه ئي ڪرسين جي، لاهور ۾ جاءِ جاءِ تي ڪيترائي جلسا ٿي چڪا آهن.

مريم پنهنجي تقرير دوران شرڪت ڪندڙن کي ماسڪ پائڻ جو چيو ته جلسي ۾ اچو ۽ ماسڪ ضرور پائي ايندا ڪيو.

ليگي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته تابعدار ماڻهوءَ تي ماڻهن جيترو رڙيون ڪيون آهن ان جو مطلب توهان کي سمجهه ۾ اچي ٿو، هاڻ تابعدار خان اين آر او گهري رهيو آهي پر نوازشريف ماني چوري ڪندڙن کي اين آر او نه ڏيندو ۽ هاڻ نوازشريف ووٽ چوري ڪندڙن کي اين آر او نه ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔