حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ قوم کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو:مولانا فضل الرحمان

لاهور: پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هن ناجائز حڪومت کي برطرف ڪرڻ لاءِ قوم کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ادارا کوکلا ٿيندا پيا وڃن، ماڻهن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني پئي وئي، مهانگائي عروج تي آهي، هڪ حڪومت جيڪڏهن ناجائز آهي ته ان کي برطرف ڪرڻ لاءِ قوم کي ۽ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، توهان وٽ ان ڪري آيا آهيون ته جيئن ملڪ کي بچائي سگهجي.

مولان فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي پارٽين اجلاس ۾ طئي ڪيو آهي ته پاڪستان جي آئين تحت ٺيهل حڪومت جو تحفظ ڪيو ويندو پر ناجائز حڪومت جو نه ۽ نه ئي ان وٽ ملڪ کي يرغمال ٿيڻ ڏينداسين، عوام جا حق، صوبن جا حق ۽ ارڙهين ترميم جو تحفظ ڪيو ويندو، ميڊيا تي پابندي هڻڻ نه ڏني ويندي ۽ مهانگائي جو خاتمو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔