ڳالهين جو وقت گذري ويو، هاڻ اسلام آباد اچي رهيا آهيون:بلاول ڀٽو

لاهور:پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڊائلاگ شائيلاگ جو وقت ختم ٿي ويو هاڻ اسان اسلام آباد پهچي رهيا آهيون.

لاهور ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسلام آباد پهچي جعلي وزيراعظم کان استعيفيٰ وٺنداسين، ڪٽ پتلي ۽ جعلي حڪمران گهر وڃڻ وارا آهن، جعلي، ناجائز ۽ نااهل حڪمرانن وٽ هاڻ ڪوڙ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻ هنن وٽس ڌمڪين کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، هنن وٽ نه عقل آهي، ۽ نه تاريخ جو علم آهي، مهانگائي جو ماريل عوام اسان جي طاقت بڻجي ويو آهي، جڏهن عوام تحريڪ جو ان حد تائين ساٿ ڏين ٿا ته ظلم جي زنجير ڀورا ڀورا ٿيندي آهي، آئون توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته توهان جي جيت جلد ٿيڻ واري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔