هن نظام کي بدلائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي:نوازشريف

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي قائد نوازشريف چيو آهي ته ملڪ جي موجوده نظام کي بدلائڻو پوندو، ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.

لاهور ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته هن نظام کي بدلائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، هي ملڪ غير جمهوري قوتن جي وڌيڪ مداخلت کي برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪي مداخلت ڪن ٿا هاڻ انهن کي به سمجهڻ گهرجي ته ملڪ وٽ هاڻ ايتري همت ناهي.

هن چيو ته هن نظام کي بدلائڻ کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهجي، ڇو ته هن هاءِ جيڪ جمهوريت ۾ توهان جي مستقبل کي اغويٰ ڪيو ويو آهي ۽ ان ڳالهه کي جيترو جلد سمجهجي ايترو بهتر آهي.

نوازشريف جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڄ اسان کي هڪ اهڙو نظام گهرجي جنهن ۾ رياست اندر ڪا ٻي رياست نه هجي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔