سنڌ جي ٻيٽن تي ڪنهن کي به چائنا ڪٽنگ ڪرڻ نه ڏني ويندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي ڪنهن کي به چائنا ڪٽنگ ڪرڻ نه ڏني ويندي، وفاقي سرڪار اسٽيل ملز نٿي هلائي سگهي ته اسان جي حوالي ڪري، اسان ادارو هلائي ڏيکارينداسين. ڪراچي ۾ نائبر هوڊ پارڪ جي افتتاح بعد ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ کي بچائڻ لاءِ شيخ رشيد کي گهرو وزير بڻايو آهي، سنڌ جو گورنر هائوس غيرآئيني طور سياسي سرگرمين لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ٻيٽن جي فضائي دوري دوران اتي ڪي به ڪم اڏاتون نظر نه آيون، سنڌ جي ٻيٽن تي ڪنهن کي چائنا ڪٽنگ ڪرڻ نه ڏنو ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته اسٽيل مل جي زمين سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهي، وفاقي سرڪار ملز نه ٿي هلائي سگهي ته ادارو سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري اسان هلائي ڏيکارينداسين. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته اسان هليا به وڃون ته به سليڪٽڊ نه چونڊجي سگهندا، اهي سليڪٽڊ ئي آهن ۽ سليڪٽڊ ئي رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔