اپوزيشن سان ڪرپشن، نيب قانونن ۽ نئين اين آر او تي ڳالهيون نه ٿينديون: غلام سرور خان

راولپنڊي: هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته اپوزيشن سان ڪرپشن، نيب قانونن ۽ نئين اين آر او تي ڳالهيون نه ٿينديون، نواز ليگ جو وڏو ڌڙو استعيفائن خلاف آهي، وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام سرور خان چيو ته هاءِ الرٽ جي سڀني کي ڄاڻ آهي، سرحدن تي خطرو آهي، مخالف ڌر قومي معاملن تي ڇو نه پئي ڳالهائي. هن چيو ته وزيراعظم عوام جي تحفظ لاءِ جلسا روڪڻ جو چوي ٿو، پاڪستان اندر دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڀارت ملوث آهي، پي ڊي ايم کي قومي معاملن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. غلام سرور خان وڌيڪ چيو ته سياستدان اليڪشن معاملي تي ٻارن کان سبق سکن، ٻار هارائيندو آهي ته اهو پنهنجي شڪست مڃيندو آهي، اسپيڪر موجود آهي، استعيفائون ڏيڻيون آهن ته ڏيو پر منهنجي خيال ۾ پ پ استعيفائون نه ڏيندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔