آر پار بدران پي ڊي ايم جِي سياسي ٻيڙي ڪُن ۾ ٻڏندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آر پار بدران پي ڊي ايم جِي سياسي ٻيڙي ڪُن ۾ ٻڏندي، اپوزيشن جيترو به زور لڳائي وٺي، نتيجو ٻڙي نڪرندو، انشاءَ الله عمران خان سرخرو ٿيندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته ماڻهن کي ڪرونا جي به خبر آهي ۽ نيڪٽا جي هاءِ الرٽ جو به پتو آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي ضد واري سياست بند گهٽي طرف وڃي پئي، نتيجو سڀاڻي مايوسي جي صورت ۾ نڪرندو، اپوزيشن جيترو مرضي زور لڳائي وٺي، نتيجو سڀاڻي مايوسي جي صورت ۾ نڪرندو، انشاءَ الله وزيراعظم سرخرو ٿيندو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ليڊر سڏ ڏيندو آهي، گهٽين ۽ پاڙن ۾ ٻن مهينن کان دعوتناما ناهي ورهائيندو، آر پار بدران سياسي ٻيڙي ڪـُن ۾ ٻڏندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔