اپوزيشن استعيفائون 24 ڪلاڪن ۾ ڏئي، 5 منٽن ۾ منظور ڪنداسين: فيصل جاويد

اسلام آباد: سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته اپوزيشن کي استعيفائون ڏيڻ آهن ته 24 ڪلاڪن اندر ڏين، 5 منٽن ۾ منظور ڪري وٺنداسين. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فيصل جاويد چيو ته هي استعيفائون نه پر لطيفا آهن، پاڻ ۾ سليم الله کان ڪليم الله، ڪليم الله کان سليم الله کيڏي رهيا آهن. هن چيو ته اپوزيشن وارا پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ڪيترا به وس ڪن پر ڊيل نه ملندي. فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته ته پي ڊي ايم وارن کي چئلينج ڪريون ٿا، استعيفائون ڏيڻ آهن ته 24 ڪلاڪن اندر ڏين، 5 منٽن ۾ منظور ڪري وٺنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔