ڪهڙي ايمرجنسي اچي وئي آهي جو جلسا ڪيا پيا وڃن: عثمان بوزدار

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته ڪرونا تيزي سان پکڙي پيو، عوام جي زندگين سان نه کيڏيو وڃي، ڪهڙي ايمرجنسي اچي وئي آهي جو جلسا ڪيا پيا وڃن، اپوزيشن سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان بوزدار چيو ته ڪرونا واري صورتحال ۾ جلسا ڪرڻ مناسب ناهي، دنيا ۾ ڪٿي به جلسا ۽ جلوس نه ٿي رهيا آهن، مينار پاڪستان تي پي ڊي ايم جلسو ڪيو ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سڀئي آن بورڊ آهن، ڪنهن سان به اختلاف نه آهن، پي ڊي ايم وارن سان به ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙي رهيو آهي، خبر ناهي ڪهڙي ايمرجنسي اچي وئي آهي جو جلسا ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔