شيخ رشيد ٺهيو پر عمران خان به عوامي سمنڊ روڪي نه ٿو سگهي: نثار کهڙو

حيدرآباد: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته شيخ رشيد ته ٺهيو پر عمران خان پاڻ به گهرو وزير ٿي وڃي عوامي سمنڊ کي ڪير نه ٿو روڪي سگهي، حڪومت سان ڳالهين جو وقت ختم ٿي ويو آهي عوام پنهنجي ريفرنڊم ۽ آرڊيننس ذريعي نيازي حڪومت جو خاتمو چاهي ٿو. پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو ته شيخ رشيد ته ٺهيو پر عمران خان پاڻ به گهرو وزير گهرو وزير ٿي وڃي پوءِ به عوامي سمنڊ کي ڪير نه ٿو روڪي سگهي، عوام بيدار ٿي چڪو آهي جيڪو هر صورت ۾ حڪومت جو خاتمو چاهي ٿو. صوبائي صلاحڪار سيد اعجاز شاهه شيرازي جي پونئيرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته وزيراعظم عمران خان پرويز مشرف بڻجڻ چاهي ٿو پر عوام ڊڪٽيٽر کي ناڪام بڻايو، هاڻي عمران خان ڪهڙا به حربا استعمال ڪري پوءِ به عوام کي نه ٿو روڪي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔