استعيفائن جو حتمي فيصلو پي ڊي ايم جِي هدايت تي ڪيو ويندو: نفيسه شاهه

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي ميمبرز کي استعيفائون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي تان استعيفائن جو حتمي فيصلو پي ڊي ايم جِي هدايت تي ڪيو ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسه شاهه چيو ته اپوزيشن جي اتحاد سبب حڪومت جو چهرو لهي پيو آهي، جيڪا جلسي جا انتظام ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سڀئي پارٽيون گڏيل ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، اپوزيشن 26 نقطن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ميمبرز کي استعيفائون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي تان استعيفائن جو حتمي فيصلو پي ڊي ايم جِي هدايت تي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔