پي ڊي ايم کي جلسو ڪرڻو آهي ته ڪري وٺي، رڪاوٽ نه بڻجنداسين: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته پي ڊي ايم کي جلسو ڪرڻو آهي ته ڪري وٺي، رڪاوٽ نه بڻجنداسين، عدالتي فيصلي سبب باقاعدي اجازت نٿا ڏئي سگهون. پنهنجي بيان ۾ شهباز گل چيو ته مريم اورنگزيب جو جلسي ڪرسيون ڳڻڻ جو ڪم آهي، لاهور جلسو سندن بيانئي جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. هن چيو ته پي ڊي ايم جَي اعلان موجب سڀاڻي جلسي ۾ استعيفائون جمع ٿيڻ گهرجن پر منافق استعيفائن جي هڪ ٻي ڪوڙي تاريخ ڏيندا، مريم نواز چيو هو ته 8 ڊسمبر تي آر يا پار ٿيندو، هميشه جيان اهو به هڪ ڪوڙ ثابت ٿيو. هن چيو ته مريم صفدر ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڏينهن رات اٽي ۽ کنڊ چوري جو راڳ آلاپين ٿا، ڇا اهي حلفي طور چوندا ته سندن شگر ملز کنڊ 50 رپيا في ڪلو گرام وڪرو ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔